پښتو اردو سرائیکی English

پنهنجي ٻار جي آئٽزم جي باري ۾ ٻين کي ٻڌائڻ تمام نازڪ معاملو آهي. صرف اهو ٻڌائڻ ته هي مسئلو ڇا آهي ۽ ان جون علامتون ڪهڙيون آهن، ڪافي ناهي. انساني سطح تي ان جي حقيقي سمجھه پيدا ڪرڻ لاءِ اوهان کي تمام موثر انداز ۾ ٻڌائڻ اچڻ کپي ته آٽزم اوهان جي ٻار تي ڪھڙي طرح اثرانداز ٿيندو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ روز مره جي زندگيءَ ۾ ٻار ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون خوبيون ۽ ڪمزوريون ظاهر ٿينديون آهن.

جيئن پهرين بيان ڪيو ويو آهي ته هي ڪم اڪثر اندازي سان ئي ڪرڻو پوندو آهي، ڇو ته اوهان ماڻھن جي ممڪن رد عمل جي باري ۾ڪجھه نٿا چئي سگھو، ان ڪري اوهان کي ڪنهن کي ٻڌائڻ کپي؟ ان جو آسان جواب هي آهي ته جيڪڏهن ڪٿي به اوهان جي ٻار کي ڪنهن به قسم جي سهولت ، مدد يا ايستائين جو تحمل ۽همدرديءَ جي ضرورت هجي ته ان جي حالات جي باري ۾ ٻڌائڻ مددگار ٿي سگهي ٿو. هر ڪنهن کي ٻڌائڻ ضروري ناهي ته اوهان جي ٻار کي آٽزم آهي. ڪئين ڀيرا انهن حالتن ۾ به جتي اوهان کي لڳي ته ٻڌائڻ ضروري آهي تڏهن به سڀ ڪجھه ٻڌائڻ ضروري ناهي هوندو.

روز مره جي زندگيءَ ۾ هي فيصلو ڪرڻ ته ڪنهن کي ڪيترو ٻڌائڻ گھرجي ڪجھه مشڪل ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن دوڪان ۾ ٿوري مدد گھرجي ته ڪيترو ٻڌائڻ گھرجي؟ ڪنهن ريسٽورنٽ ۾ اڻ واقف کي پنهنجي ٻار جو طرز عمل ڪيئن سمجھائڻ گھرجي؟ اوهان کي هر صورت حال ۾ آٽزم جي تفصيلا ت ۾ نه وڃڻ گھرجي. اڪثر صورتن ۾ صرف ضروري ڳالهيون ٻڌائڻ ڪافي ٿيندو ته جيئن ٻين سان وقت سٺو گذري وڃي ۽ جيڪو ڪم ڪرڻ ضروري آهي اهو ٿي وڃي. ياد رکو ته اگر اوهان چاهيو ته اوهان کي پنهنجي ٻار جي ڪيفيت کي پاڻ تائين رکڻ جو پورو حق آهي. ضروري ناهي ته اوهان سڀني کي هر ڳالهه سمجھايو. اوهان جو اطمينان سڀ کان اول آهي. اوهان سان ملڻ وارن ماڻهن کي ٽن قسمن جي ماڻهن ۾ ورھائي سگهجي ٿو.

پهريون گروپ: اهي ماڻهو جن کي معلوم هئڻ گھرجي.

هي اهي ماڻهو آهن جن سان اوهان جي ٻار جو اڪثر واسطو پوندو آهي ۽ اوهان جي ٻار جي آٽزم سان انهن کي فرق پوي ٿو. ان ۾ استادَ، ٻارن جي سار سنڀال ڪرڻ وارا ملازم، ويجھا دوست احباب، گھر جا ڀاتي ۽ ويجھا رشتيدار شامل هوندا آهن.

ٻيو گروپ: اهي جن سان اڪثر ملاقات ٿيندي آهي.

هي اهي ماڻهو هوندا آهن جن سان اوهان جو ٻار اڪثر ملندو آهي پر ايترو گهڻو نه ملندو آهي جو آٽزم جي ڪري ڪو مسئلو ٿئي. انهن کي به ائين ڪجھه ضروري ضروري ڳالهيون ٻڌائي سگهو ٿا. انهن ۾ پري جا رشتيدار، دوست ۽ ھم جماعت شامل آهن.

ٽيون گروپ: اهي ماڻهو جن کي ٻڌائڻ ضروري ناهي.

هن گروپ ۾ اهي ماڻهو شامل آهن جن کي اوهان سان ۽ اوهان جي ٻار سان ذاتي تعلق ناهي هوندو. ان ۾ دوڪاندار، پاڙيسري، ڄاڻ سڃاڻ وارا ۽ اڻ واقف وغيره شامل هوندا آهن. ڪنهن کي اهو ٻڌائڻ ته اوهان جي ٻار کي آٽزم آهي ، اوهان جو ذاتي مسئلو آهي. بهر حال جيڪڏهن ٻار جي ارد گرد جي ماڻهن کي ان باري ۾ معلوم هوندو ته ٻار جي زندگي خود بخود بهتر ۽ آسان ٿيندي. ان ڪري ٻڌائڻ جو فيصلو سوچي سمجھي ڪريو. صرف تڏهن ئي ٻڌايو جڏهن اوهان جي ٻار کي ان جو سڌي طرح فائدو پهچي.

By visitng our site, you agree to use of cookies to enhance your browsing experience.  I Agree