پښتو اردو سرائیکی English

Why diet is important?

آٽزم سان اوهان جي ٻار جي کائڻ جون عادتون متاثر ٿي سگهن ٿيون.مخصوص غذائن سان الرجي، کائڻ وقت بي قابو ٿيڻ ۽ غذائن جي باري ۾ رسمن سان اوهان جي ٻار ۾ غذائيت جي ڪمي ٿي سگھي ٿي.ناڪافي غذائيت جي ڪري ذهني ۽ جسماني نشو و نما متاثر ٿي سگهي ٿي يا ٿولهه ۽ دل جي مرض جهڙيون بيماريون پيدا ٿي سگهن ٿيون. هي ليک (آرٽيڪل) خوراڪ جي حوالي سان اوهان جي رهنمائي ڪندو.

آٽزم ۽ گلوٽن فري ڪيسين فري غذا (GFCF)

گھڻن ٻارن کي معدي ۽ آنڊن جا مسئلا (جهڙوڪ دست، قبض، معدي ۾ تڪليف، گيس، آڦري ۽ ڪنهن غذا سان الرجي) ٿي پوندي آهي. جيتوڻيڪ ان حوالي سان ڪا اتفاق راءِ ناهي، تنهن هوندي به ڪجهه والدين، ٻار جي خوراڪ مان ڪيسين(کير ۾ موجود پروٽين) يا گلوٽن (ڪڻڪ ۾ موجود پروٽين) ڪڍي ڇڏڻ سان علامتن ۾ بهتري محسوس ڪندا آهن.

اهڙي خوراڪ کي گلوٽن فري ڪيسين فري (GFCF) غذا چيو ويندو آهي. هي نقصان ڏيندڙ ناهي پر اها خوراڪ ڪنهن غذائيت جي ماهر جي نگرانيءَ ۾ وٺڻ گھرجي. (GFCF)جو مطلب آهي ته پنهنجي ٻارن جي خوراڪ ۾ ڪيسين (جيڪا کير سان بڻيل شين ۾ موجود هوندي آهي) ۽ گلوٽن (جيڪا ڪڻڪ ۽ جَوَن سان بڻيل شين ۾ موجود هوندي آهي ) ڪڍي ڇڏڻ. ان لاءِ کير، پنير، ڏهي، سيون، ڊبل روٽي ۽ آئيس ڪريم وغيره کان پرهيز ضروري آهي. ان سان گڏو گڏ اهو به احتياط ڪجي ته ٻار ڪهڙيون تيار شده غذائون استعمال پيو ڪري، ڇو ته ان ۾ به گلوٽن ۽ ڪيسين وارا جزا شامل ٿي سگهن ٿا. مثال طور برگر ، مايونيز، ساس ۽ مکڻ کان به پرهيز ضروري آهي. ان حوالي سان غذائن جا ليبل چيڪ ڪرڻ بي حد ضروري آهن ڇو ته GFCF مان فائدو تڏهن ئي ٿيندو جڏهن انهن پروٽينز کان پوري طرح پرهيز ڪئي وڃي. جيتوڻيڪ ان ڳالهه جو باقاعده طور تي ڪوبه معقول ثبوت موجود ناهي تنهن هوندي به تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته GFCF خوراڪ ڇهن مهينن تائين باقاعدگيءَ سان استعمال ڪرڻ سان ڪئين ٻارن ۾ ڳالهائڻ، ڪاوڙ اچڻ۽ دورا پوڻ جهڙا مسئلا گھٽ ٿي وڃن ٿا. ياد رکو ته ضروري ناهي ته ان خوراڪ سان آٽزم سان متاثر ٻارن کي ڪو فائدو پهچي پر ان جو گهڻو اثر انهن ٻارن تي ٿيندو آهي جن کي دائمي غذائي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي يا دائمي غذائي مسئلن جو شڪار هوندا آهن.

ڪنهن ماهر غذائيت جي نگراني ان لاءِ ضروري آهي ته هو خوراڪ جي منصوبه بندي ڪندو ۽ هي يقيني بنائيندو آهي ته اوهان جي ٻار کي متوازن غذا ملي رهي آهي. GFCF خوراڪ تمام محدود ٿي سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن ان تي مناسب طريقي سان عمل نه ڪيو وڃي ته ٻار ۾ غذايت جي ڪمي پيدا ٿي سگهي ٿي. هڪ ماهر غذايت ئي ڪجھه سپليمنٽ يا ملٽي وٽامن جو مشورو ڏئي سگهي ٿو.

Working with a dietitian is crucial because they can help you plan meals and make sure your child is getting adequate nutrition. The GFCF diet can be highly restrictive and can put your child at risk of malnutrition if it is not implemented properly. A dietitian can prescribe any supplements or multivitamins if and as needed.

By visitng our site, you agree to use of cookies to enhance your browsing experience.  I Agree