پښتو اردو سرائیکی English
آٽزم (autism) يا ASD (آٽزم اسپيڪٽرم ڊس آرڊر) هڪ پيچيده بيماري آهي جيڪا (CDC)سي ڊي سي مطابق هر 59 ماڻهن مان ڪنهن هڪ کي متاثر ڪندي آهي.

Dr. Stephen Shore

آٽزم (autism) يا ASD (آٽزم اسپيڪٽرم ڊس آرڊر) هڪ پيچيده بيماري آهي جيڪا (CDC)سي ڊي سي مطابق هر 59 ماڻهن مان ڪنهن هڪ کي متاثر ڪندي آهي. آٽزم سان ان ڳالهه تي فرق پوي ٿو ته انسان پنهنجي آس پاس جي ماڻهن ۽ پنهنجي ماحول سان ڪهڙو رويو رکي ٿو.ان مرض (بيماري) کان متاثر ماڻهن کي ڳالهه ٻولهه، زبان سکڻ جي مرحلن ۽ معاشرتي شعور جي حصول ۾ مشڪلات کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.

آٽزم کان متاثر هر شخص هڪ اسڪيل جو حصو آهي. ان اسڪيل ۾ اڳ ۾ اهي ماڻهو آهن جيڪي آٽزم کان متاثر آهن ۽ جن کي روز مره جي ڪمن ۾ وڌيڪ مدد جي ضرورت ٿيندي آهي، جڏهن ته ٻئي طرف اهڙا ماڻهو آهن جيڪي ٻين تي وڌيڪ انحصار نٿا ڪن يا نٿا ڀاڙين.

آٽزم جون ڪجھه علامتون (نشانيون) هي آهن: ڳالهائڻ دير سان سکڻ، نظرون ملائڻ يا گفتگو ڪرڻ ۾ مشڪلات جو پيش اچڻ، اهڙن ڪمن ۾ دقت (مشڪل) ٿيڻ جن ۾ دليلن ۽ منصوبه بنديءَ جي ضرورت هجي، وڏي شدت سان محدود شيئن جو شوق هجڻ ۽ چرڻ پرڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي مهارتن جي ڪمي وغيره. آٽزم کان متاثر ٿيندڙ هر شخص ۾ اهي علامتون (نشانيون) مختلف نمونن سان ظاهر ٿينديون آهن. ASD اسڪيل تي مرض جي نوعيت معلوم ڪرڻ لاءِ باقاعده تشخيص (جانچ پڙتال) تمام ضروري آهي ته جيئن مريض کي مناسب مدد فراهم ڪري سگھجي.

By visitng our site, you agree to use of cookies to enhance your browsing experience.  I Agree