پښتو اردو سرائیکی English

(اردو میں ویڈیو)

اسڪريننگ ۽ سڃاڻپ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڊاڪٽرن ٻڌايو ته اوهان جي ٻار کي آٽزم آهي. هاڻي اڳتي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ اوهان کي سڃاڻپ مڪمل ٿيندي ئي پنهنجي ٻار جي آٽزم جو سفر شروع ڪرڻ گھرجي. اوهان جيترو جلدي شروع ڪندا اوهان جي جي ٻار لاءِ اوترو بهتر ٿيندو.

جيڪڏهن اوهان جو ٻار ٽن سالن کان ننڍي عمر جو آهي ته اوها ن پڙهندا رهو. اوهان بر وقت مداخلت سان شروع ڪريو. اوهان جو ٻار ٽن سالن کان ننڍي عمر جو ناهي ته آٽزم جي علاج وارو سيڪشن ڏسو.

بر وقت مداخلت ڇاآهي؟

بروقت مداخلت مان مراد آهي آٽزم جي سڃاڻپ ٿيندي ئي لاڳاپيل ڊاڪٽرن جي مدد سان پنهنجي معلومات جي مطابق عمل درآمد شروع ڪريو بلڪه باقاعده سڃاڻپ کان پهرين به مناسب اُپاءَ ڪري سگهجن ٿا. جيئن ئي اوهان جي ٻار ۾ آٽزم جي سڃاڻپ ٿي وڃي ته علاج ۾ دير اوهان جي ٻار کي ڪو به نقصان پهچائي سگهي ٿي.بروقت مداخلت جا ڪجھه طريقا هي آهن.

  • فيملي ٽريننگ
  • ڳالهائڻ جو علاج (speech therapy) 
  • ٻڌڻ واري آلي (اوزار) جو استعمال
  • جسماني علاج
  • خوراڪ سان علاج
  • No meaningful two-word phrases (not including imitating or repeating) by 24 months
  • Any loss of speech, babb

بروقت اپاءَ وٺڻ ڇو ضروي آهن؟

آٽزم جون علامتون ارڙهن مهينن جي ٻار ۾ به ڳولهي سگھجن ٿيون. اها ڳالهه به ثابت ٿي چڪي آهي ته بر وقت مداخلت سان ٻارن جي زندگيءَ تي مثبت اثر مرتب ٿين ٿا.آٽزم جي سڃاڻپ ٿيندي ئي وڌيڪ وقت ضائع ڪرڻ بنا لاڳاپيل قدم کڻڻ ضروري آهن

بروقت مداخلت بهتريءَ جوسبب ڇوٿي بڻجي ؟

بروقت مداخلت سان ٻار جي آئي ڪيو (IQ)،هن جي ڳالهه ٻولهه ۽ هن جي سماجي تعلقاتن سميت سڀني تي مثبت اثرات مرتب ٿين ٿا. جڏهن هڪ ٻار ٽن سالن کان گٽ عمر جو آهي ته ان جو ذهن تبديليءَ کي آسانيءَ سان قبول ڪندو آهي. هڪ ننڍي عمر جي ٻار جي دماغ ۾ سکڻ ۽ مخصوص مفيد عادتن کي اختيار ڪرڻ جي صلاحيت هوندي آهي. وقت سان گڏوگڏ دماغ جي تبديليءَ جي مطابق ڍلڻ جي صلاحيت گھٽ ٿي ويندي آهي.

والدين جو هر وقت ڪردار ادا ڪرڻ به ٻارن لاءِ بيحد مفيد ثابت ٿي سگهي ٿو. گھر تي خاص طور تي تيار ڪيل مشقون ۽ خاص حڪمت عملي(جيئن انفرادي لحاظ سان تيار ڪيل هدف، رانديڪن سان کيڏڻ ۽ ڳالهه ٻولهه ڪندو رهڻ) جي استعمال سان ٻار ،مستقبل ۾ پريشان ڪن رويا اختيار ڪرڻ کان بچي سگهي ٿو. بروقت مداخلت سان اوهان پنهنجي ٻار کي آٽزم سان وڙهڻ جو هڪ موقعو ڏيو ٿا.

By visitng our site, you agree to use of cookies to enhance your browsing experience.  I Agree