پښتو اردو سرائیکی English

(اردو میں ویڈیو)

آٽزم کي مڪمل طور تي ٺيڪ نٿو ڪري سگھجي. آٽزم جا مريض تمام عمر ھن اسڪيل تي ئي رھندا آھن. پر انھن کي پنھنجي مسئلي کي سمجھڻ ۽ ڪمزورين تي ضابطو آڻڻ سيکاري سگھجي ٿو. ھن مرض ۾ بھتري جو دارومدار ھن جي شدت ، سڃاڻپ جي وقت ۽ ڊاڪٽرن ۽ گھر وارن جي مدد تي آھي.

آٽزم جي علاج جو ضروري حصو تُرت سڃاڻپ به آھي.تُرت سڃاڻپ جي لاء ٽن سالن کان گھٽ عمر جا ٻار اھم ھوندا آھن جن کي آٽزم سان متاثر صلاحيتُن (سمجھ ، روئيو، ڳالھ ٻولھ) ۾ مدد ڏني ويندي آھي.

آٽزم جي مريضن جي علاج جا مختلف پھلُو ھوندا آھن:

رويئي جو علاج

ھي تمام عام آھي ۽ اھو آٽزم سان متاثر ماڻھن کي سکڻ، ڳالھائڻ ۽ سماجي تعلقات قائم ڪرڻ، ڌيان ڏيڻ، ۽ حواسن کي ملائڻ ۾ مدد ڏيندو آھي.

دوائون

دوائن سان آٽزم جو سڌيَ طرح علاج ناھي ٿيندو پر انھن نشانين جي حوالي سان آساني ٿي ويندي آھي جيڪي ان سان گڏ ظاھر ٿينديون آھن مثال ڌيان ڏيڻ، محسوس ڪرڻ ۽ دماغي صحت جا مسئلا.

خوراڪ

خوراڪ ۾ خاص معدنيات ۽ وٽامنز شامل ڪرڻ ۽ ڪجھ شيئن کان پرھيز ڪرڻ آٽزم جي مريضن لاء تمام مددگار ھوندو آھي.

علاج جو ھر طريقو ان ماڻھون لاء مخصوص ھوندو آھي جنھن جي لاء اھو تيار ڪيو ويو آھي. ان کي قابل ماھر ئي تيار ڪري سگھندا آھن ۽ ان جي ڪاميابي جو دارومدار والدين يا سار سنڀال لھڻ وارن جي شموليت تي به ھوندو آھي.

By visitng our site, you agree to use of cookies to enhance your browsing experience.  I Agree