پښتو اردو سرائیکی English

(اردو میں ویڈیو)

جڏهن به اوهان کي محسوس ٿئي ته اوهان کي پنهنجي ٻار جي نشو و نما جي حوالي سان مشورو ڪرڻ يا پنهنجي پريشانيءَ جي باري ۾ ڪنهن ماهر سان ڳالهائڻ جي ضرورت آهي ته پنهنجي مرضيءَجي ماهر صحت (فيملي ڊاڪٽر يا ٻارن جي بيمارين جي ماهر) وٽ وڃو. پاڻ سان گڏ سنگ ميل واري فهرست به کڻي وڃو ۽ ان ۾ ڪجھه مثال به شامل ڪريو. پنهنجي پريشانين جي باري ۾ هڪ تفصيلي بحث ڪريو.

جيڪڏهن اوهان جي ڊاڪٽر کي لڳي ته اوهان جي پريشاني درست آهي ته هو اوهان کي آٽزم جي اسڪريننگ لاءِ ڪنهن اسپيشلسٽ وٽ موڪليندو.

آٽزم جي اسڪريننگ

آٽزم جي اسڪريننگ مان ڇا مراد آهي؟

ارڙهن کان چوويهه مهينن جي عمر جي ٻار ۾ آٽزم اسڪريننگ ٿيڻ گهرجي. هن اسڪريننگ ۾ سورنهن کان ٽيهن مهينن تائين جي ٻارن ۾ آٽزم جي سڃاڻپ جي لاءِ ڪجھه سوال هوندا آهن. انهن سوالن جي فهرست هتي ڏسي سگھجي ٿي.

ٻار کي ڊاڪٽر ڏي وٺي وڃڻ کان پهرين ڇا ڪرڻ گھرجي؟

ڊاڪٽر وٽ وڃڻ کان پهرين سوالنامو پر ڪري ساڻ کڻي وڃڻ گھرجي. لاڳاپيل مسئلن جي لاءِ عمومي سوالن جي فهرست به آهي جيڪا مڪمل ڪري پاڻ سان گڏ کڻي وڃي سگهو ٿا.اوهان جو ڊاڪٽر مسئلي جي تفصيلات پڇي ان عمل جو ايندڙ مرحلو طئي ڪندو.

اوهان جو ڊاڪٽر به اوهانکي اهڙي ئي هڪ فهرست ڏيندو. هڪ ٻئي چڪر کان بچڻ لاءِ بهتر آهي ته اوهان پاڻ سان گڏ اڳ ۾ ئي فهرست مڪمل ڪري کڻي وڃو.

جيڪڏهن سوالنامي جي مطابق اوهان جي ٻار ۾ آٽزم جون ڪجھه علامتون آهن ته اسڪريننگ سان اڳلو مرحلو يعني انٽرويو ضروري آهي جنهن ۾ ڊاڪٽر اوهان سان ذاتي طور تي وڌيڪ سوال ڪندو. ضروري ناهي ته پهرين مرحلي ۾ آٽزم جي نشانين وارن ٻارن ۾ڪو واقعي آٽزم ئي هجي. ڪجھه ٻارن ۾ هيءَ اسڪريننگ نشو و نما جي ٻين مسئلن (جيئن دير سان ڳالهائڻ شروع ڪرڻ) به نمايان ڪري ڇڏيندي آهي جيتوڻيڪ اهو آٽزم ناهي هوندو. تنهن هوندي به ان جو وقت تي ماهرن کان علاج ڪرائڻ لاءِ ضروري هوندو آهي.

آٽزم جي باقاعده جانچ (Evaluation)

جيڪڏهن اوهان جو ڊاڪٽر، آٽزم اسپيشلسٽ وٽ وڃڻ جو چوي ته ڇا ڪرڻ گھرجي؟

اوها نجو فزيشن (ڊاڪٽر) اوهان کي صرف اهو ٻڌائي رهيو آهي ته اوها نجي ٻار کي باقاعده جانچ جي ضرورت آهي ته جيئن معلوم ٿي سگھي ته هو ڪئين پيو سکي, ڳالهائي ٿو، کيڏندو آهي ۽ هلندو جلندو آهي. هي وزٽ پهرين کان وڌيڪ ڊگهو ٿيندو. هي عام طور تي ٻارن جي نشو و نما جو اسپيشلسٽ ڪندو آهي پر ان ۾ هڪ کان وڌيڪ به اسپيشلسٽ ٿي سگهن ٿا.

منهنجي ٻار جي نشو و نما ڪيئن جانچي ويندي؟

اوهانجي ٻار کي ڊاڪٽر هڪ باقاعده جانچ (evolution) يا وڌيڪ ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ به چئي سگهي ٿو. ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڳالهيون ياد رکو.

  • ٻڌڻ جي ٽيسٽ جو مشورو زبان سکڻ، ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ جي مسئلن کي سمجھڻ لاءِ ڏنو ويندو آهي ۽ اڪثر هڪ آڊيولوجسٽ ڏيندو آهي.
  • نشو و نما جي ٽيسٽ عام طور تي زباني ۽ غير زباني صلاحيتن جانچڻ لاءِ هوندي آهي ۽ اصولاََ هڪ سائڪالوجسٽ کي ڪرڻ گھرجي.
  • دماغ جي ٽيسٽ دماغي ڌڪ، دماغي خرابي ۽ ننڊ يا خوراڪ جي مسئلن لاءِ ڪئي ويندي آهي.
  • ڳالهه ٻولهه ، زبان ۽ رابطي جي ٽيسٽ انهن ٻارن تي ڪئي ويندي آهي جن کي زباني ۽ غير زباني رابطن ۾ مشڪل پيش ايندي آهي. هي عام طور تي زبان ۽ ڳالهه ٻولهه جو سائڪالوجسٽ يا پيٿالوجست ڪندو آهي.
  • گھمڻ ڦرڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي صلاحيتن جي ٽيسٽ تڏهن ڪئي ويندي آهي جڏهن ٻار کي ملڻ يا محسوس ڪرڻ ۾ مشڪلات پيش اچي. هيءَ ٽيسٽ فزيڪل ٿراپسٽ ڪندو آهي.
  • جيڪڏهن اوهان کي ڪنهن اسپيشلسٽ کان آٽزم تشخيصي ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ چيوويندو آهي ته هو واهان کي پنهنجي ٻار جي جانچ جي هڪ تحريري رپورٽ ڏيندو. هن رپورٽ ۾ اوهان جي ٻار جي صلاحيتن ، ڪمزورين ۽ نشو نما جو درجو لکيل هوندو.
  • Any loss of speech, babbling or social skills at any age
  • Does not respond to name by 12 months

منهنجي ٻار ۾ آٽزم جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي. مونکي اڳتي ڇا ڪرڻو آهي؟

آٽزم جي سڃاڻپ تڏهن ٿيندي آهي جڏهن ڪنهن انسان کي رابطي ۾ مشڪل پيش اچي ۽ ڪو عمل بار بار دهرائڻ جهڙا مسئلا درپيش هجن. ممڪن آهي ته ايئن ماضيءَ ۾ به ٿيندو رهيو هجي يا هينئر ئي ٿي رهيو هجي. جڏهن پهريون ڀيرو اوهان کي معلوم هوندو ته اوهان جي ٻار کي آٽزم يا نشو ونما جي ڪا خرابي آهي ته شايد اوهان جي دل ٻڏي رهي هوندي. اهي لمحا نهايت تڪليف ده ٿي سگھن ٿا.

هن کان پوءِ اوهان پنهنجي آٽزم جو سفر شروع ڪندَو.ان جو مطلب آهي ته اوهان جي گھر ۽ معمولات ۾ ڪجھه وڏيون تبديليون رونما ٿينديون. فوري بهتريءَ جي اميد نه ڪريو. آٽزم هڪ اهڙو سفر آهي جنهن ۾ اوهان جي ٻار کي بهتريءَ لاءِ اوهان جي طرز زندگيءَ ۾ مستقل تبديليون ضروري آهن. هن وقت لڳندو ته اوهان کي ان سلسلي ۾ تحمل جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.

اهڙي ڪا دوا دستياب ناهي جيڪا آٽزم جو علاج ڪري سگهي. آٽزم سان گڏ پيدا ٿيڻ وارا جسماني ۽ دماغي مسئلن (جهڙوڪ ڊپريشن) جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿي پر پنهنجي ڊاڪٽر کان اها توقع نه رکو ته هو سڀ ڪجھه ڪنهن دوا سان ٺيڪ ڪري ڇڏيندو.آٽزم جا ڪجھه مخصوص علاج (therapies) آهن جيڪي سڄي زندگي به هلي سگهن ٿا. سڃاڻپ کان پوءِ جي هدايتن لاءِ ٽيون سيڪشن ڏسو.

By visitng our site, you agree to use of cookies to enhance your browsing experience.  I Agree