بر وقت ٿيندڙ سوال
آٽزم جا علاج ولاج ڪهڙا آهن؟
آٽزم جو ڪو مخصوص علاج ڪونهي، بلڪه ان ۾ مبتلا ماڻهن کي انهن جي مخصوص ضرورتن جي مطابق علاج مهيا ڪيو ويندو آهي. انهن جي علاج ۾ زبان جي رواني جو علاج، سپورٽ گروپس، تعليمي ميدان ۾ مدد، سلوڪن ۾ بهتري آڻڻ جي ٿراپي، هر هر دهرائڻ واري سلوڪ جو دوائن جي مدد سان علاج، ۽ ٻيا ڪيترائي علاج شامل آهن. ڊاڪٽرن ۽ ماهر نفسيات سان مشورو ڪرڻ بهتر آهي جيئن هو هر آٽسٽڪ ماڻهون لاء مخصوص علاج ولاج تجويز ڪن جيئن انهن کي بهترين نگراني مهيا ڪري سگهجي.