پښتو اردو سرائیکی English

آٽزم جي شڪار ٻارن ۽ ان جي والدين لاءِ کائڻ جو وقت مشڪل هوندو آهي. ان ۾ آساني آڻڻ لاءِ ڪجھه ٽوٽڪا هيٺ ڏجن ٿا.

ٻين مسلئن جا امڪان ختم ڪريو

ٻين مسلئن جا امڪان ختم ڪريو: اهو معلوم ڪيو ته ڪٿي اوهان جي ٻار کي خوراڪ واريون مشڪلون ٻين مسئلن (جهڙوڪ معدي جي تيزاب جو خوراڪ واري نالي ۽ وات ۾ اچڻ، ۽ ڏندن ۾ خالي جڳهه) جي ڪري ته ناهن. ان لاءِ ڪنهن ڊاڪٽر سان رابطو ڪريو .

کائڻ جي وقت کي آسان بڻايو

کائڻ جي وقت کي پنهنجي ٻار لاءِ بي فڪر بڻايو. اڪثر ٻار خوراڪ جي متعلق خوف ۽ الجھن جو شڪار ٿيندا آهن ۽ والدين انهن کي زبردستي کارائڻ جي چڪر ۾ معاملو خراب ڪري ڇڏيندا آهن. کائڻ جي وقت کان پهرين ڪا به پرسڪون عادت (جهڙوڪ ڊگھا ساهه کڻڻ) اختيا ڪرڻ سان اوهان جي ٻار جو خوف ۽ الجھن گهٽ ڪري سگهي ٿي.

کاڌو گڏجي ويهي کائو

هڪ فيملي (ڪٽنب) جيان گڏجي ويهي ماني کائڻ سان اوهان ٻار کي اشاري سان ٻڌائي سگهو ٿا ته ماني کائڻ وقت ڇا ڪرڻ گھرجي. آٽزم کان متاثر ٻار روٽين(معمول) جو خيال رکندا آهن.ان ڪري هڪ ٽيبل تي ويهڻ سان اوهان کائڻ کي ان معمول ۾ شامل ڪري ٿا ڇڏيو، ايستائين جو اها هڪ عادت بڻجي وڃي ٿي.ٻار نقل ڪرڻ سان به سکندا آهن.ان ڪري اوهان جو ٻار ٻين کي ماني کائيندو ڏسندو ته آساني ءَ سان پاڻ به کائي سگهندو.

جسماني وضع

آٽزم کان متاثر ٻار اڪثر جسماني وضع جو خيال ناهن رکي سگهندا ۽ اڪثر انهن جي پيٽ جو وچون حصو ۽ چيلهه جا پڄا ڪمزور هوندا آهن.اهڙي حالت ۾ هو کائڻ وقت جھڪي ويهندا آهن جنهن سان انهن کي اڳرڻ ۽ هضم ڪرڻ ۾ مشڪل کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. کائڻ وقت ٻار جي چيلهه کي ويهاڻي جو سهارو ڏيڻ جي ڪوشش ڪريو يا انهن جي پيرن کي ٿورو مٿي ڪرڻ خاطر پيرن هيٺان پائدان رکو.

آهستي آهستي نيون غذائون ڏيو

آٽزم کان متاثر ٻارن لاءِ خوراڪ جو خوف اهم ٿي سگهي ٿو. ڪجھه ٻارن کي ميون جو رنگ خوف زده ڪندو آهي ته ڪجھه کي انهن جي بناوٽ پسند ناهي هوندي. انهن غذائن کي ٻار جي خوراڪ ۾ شامل ڪري انهن جي خوف تي قابو پائي سگهجي ٿو. مثال طور پهرين اوهان پاڻ ان غذا جي موجودگيءَ ۾ انهن کي پرسڪون رهڻ سيکاريو، پوءِ انهن کي ڪانٽي سان ان شئي کي پڪڙڻ سيکاريندؤ ۽ آهستي آهستي هٿ سان پڪڙڻ جي ترغيب ڏيندؤ.

کائڻ جو وقت مقرر ڪريو

جيئن پهرين ذڪر ڪيو ويو آهي ته آٽزم کان متاثر ٻار روٽين (معمول) کي پسند ڪندا آهن. کائڻ وقت کائڻ کان منع ڪري اوهان انهن کي کائڻ جي وقت بک مٽائڻ تي مائل ڪري سگهو ٿا.

پنهنجي ٻار جي خوراڪ ۾ ڪئين مختلف قسم شامل ڪريو

جيڪڏهن اوهان جو ٻار ڪنهن خاص قسم جي خوراڪ ئي برداشت ڪندو آهي ته ان جي برداشت ۾ رهي کاڌي ۾ ننڍيون ننڍيون تبديليون آڻيو. مثال طور جيڪڏهن اوهان جو ٻار پهريان ئي سپيگٽي پسند ڪندو آهي اها ساس سان ڏيوس، اهڙي طرح ان جي پسند جي خوراڪ سان گڏوگڏ نيون شيون شامل ڪري سگهو ٿا. ان ڳالھ جو خيال رکو ته اهي تبديليون آهستي آهستي ٿيڻ گھرجن. نيون غذائون چکڻ سان ٻار جي حوصله افزائي ڪريو.

پنهنجي ٻار جي طرز عمل جي بجاءِ خوراڪ تي توجه ڏيو

کائڻ واري ميز تي پنهنجي ٻار جي طرز عمل تي توجه نه ڏيڻ جي پوري ڪوشش ڪريو ۽ ان جو ڌيان کائڻ طرف ڏيارو. ٻار ۽ ٻيا گھر ڀاتي کاڌي جي شڪل ، ذائقي ۽ خوشبو جي باري ۾ سوال ڪن ته جيئن ان جو ڌيان کائڻ تي رهي.

By visitng our site, you agree to use of cookies to enhance your browsing experience.  I Agree