پښتو اردو سرائیکی English

هاڻي مونکي نشاندهي ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟

شايد اوهان سوچي رها هجو ته جڏهن سڄي زندگي نشاندهي کان بغير گذري وئي ته هاڻي نشاندهي ڇو ڪرايان! نشاندهي سان اوهان جي زندگي تمام بهتر ٿي سگهي ٿي. جڏهن به معلوم ٿئي ته اوهان کي اصل ۾ مسئلو ڪهڙو آهي ۽ اوهان جي گھر ڀاتين لاءِ خود هڪ تسڪين جو باعث ٿيندو. ڪنهن به مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ پهريون قدم ان کي ڄاڻڻ ۽ سمجھڻ هوندو آهي.اوها نجي لاءِ اها ڳالهه به تسڪين جو باعث ٿيندي ته آٽزم جي باوجود ڪئين ماڻهو تما م سٺي ۽ ڪامياب زندگي گذارين ٿا .آٽزم کان متاثر ڪجھه ماڻهن کي قدرت موسيقي، حساب ، آرٽ وغيره ۾ غير معمولي صلاحيتن سان نوازيو آهي. آٽزم کان متاثر ماڻهن ۾ چاليهه سيڪڙو جي قريب ذهانت ۾ هڪ عام شخص جي برابر يا ان کان به اڳتي هوندا آهن. ڪجھه خوش گوار شادي شده زندگي گذاري رهيا آهن جڏهن ته ڪئين ڪاميابيءَ سان ملازمت ڪري رهيا آهن.

درست سڃاڻپ سان اوهان آٽزم جي متعلق ڪم ڪرڻ وارن ادارن ۽ ڊاڪٽرن جي مدد حاصل ڪري سگهندا. جيڪڏهن اوهان کي شڪ آهي ته اوهان کي آٽزم ٿي سگهي ٿو ته سڃاڻپ جي عمل مان گذرڻ ۾ دير نه ڪريو ۽ ڀرپور زندگي گذارڻ لاءِ درڪار سپورٽ (حمايت) حاصل ڪريو.

وڏن جي آٽزم جي سڃاڻپ جو طريقي ڪار

وڏن ۾ آٽزم جي سڃاڻپ جا ڪئين محدود طريقا آهن ، حالانڪه گذريل ڪجھه سالن ۾ آٽزم جي متعلق معلومات ڪافي وڌي آهي. جيڪڏهن مٿي ڄاڻايل علامتون اوهان کي پاڻ ۾ نظر اچن ٿيون ته هي ڪجھه ٽيسٽون آهن جن جي سڃاڻپ ۾ ڊاڪٽر جي مدد ڪري سگهو ٿا.

  • https://www.additudemag.com/screener-autism-spectrum-disorder-symptoms-test-adults/
  • Does not share sounds, smiles or other facial expressions by 9 months
  • Does not babble by 12 months
  • No gestures such as pointing, showing, reaching or waving by 12 months
  • No expressive vocabulary by 16 months
  • https://psychcentral.com/quizzes/autism-test/
  • Any loss of speech, babbling or social skills at any age
  • Does not respond to name by 12 months

جيڪڏهن ڊاڪٽرکي محسوس ٿئي ته اوهان کي آٽزم ٿي سگهي ٿو ته هو ٻارن ۾ آٽزم جي سڃاڻپ جهڙيون ڪجھه ٽيسٽون ڪرائي سگهي ٿو. ممڪن آهي ته ڊاڪٽر اوهان جي والدين يا سار سنڀال ڪرڻ وارن سان به ڳالهائي سگهي ٿو ته هي معلوم ڪري سگهي ته ٻالڪپڻي ۾ اوها ن ۾ آٽزم جون ڪجهه نشانيون هيون يا نه. جيتوڻيڪ هي طريقو قابل اعتماد ناهي پر ماضيءَ جو ميڊيڪل ريڪارڊ نه هئڻ جي صورت ۾ ان سان ئي ڪم هلائي سگهجي ٿو. جيڪڏهن اوهان ۾ آٽزم جي نشاندهي ٿي وڃي ته ڊاڪٽر اوهان کي اسپيشلسٽ وٽ موڪلي سگهي ٿو ۽ هو اوهان کي آئنده اپائن جي باري ۾ ٻڌائيندو.

By visitng our site, you agree to use of cookies to enhance your browsing experience.  I Agree