پښتو اردو سرائیکی English

هر ٻار جو حق آهي ته هو هڪ مڪمل ۽ باوقار زندگي گذاري، چاهي اهو معذور ئي ڇو نه هجي. پنهنجي ٻار جي آٽزم جي باري ۾ ٻڌائڻ لاءِ اوهان کي ھميشه ھڪ حد تائين اندازي سان ڪم وٺڻو پوندو ڇو ته اها ڳالهه معلوم نٿي ڪري سگھجي ته ٻڌڻ واري جو رد عمل ڪهڙو هوندو. ڪجھه ماڻهو مثبت (هاڪاري )رد عمل ڏيندا، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جو رد عمل منفي (ناڪاري)هوندو. پر هميشه ياد رکو ته ٻڌڻ واري جي رد عمل جا ذميدار اوهان نه آهيو. ٻڌڻ وارا منفي (ناڪاري) تاثرات جو اظهار اڪثر خوف ۽ لاعلميءَ جي ڪري ڪندا آهن. جيڪڏهن انهن کي سمجھايو وڃي ته آٽزم اصل ۾ آهي ڇا؟ ته ممڪن آهي ته انهن جو رد عمل تبديل ٿي وڃي. اڪثر ماڻهو اهو سمجھڻ کانپوءِ مدد ڪرڻ ۽ موافقت ڪرڻ تي راضي ٿي ويندا آهن

ڪهڙي به معذوريءَ جي باري ۾ ٻڌائڻ سان ڪئين آسانيون پيدا ٿي سگهن ٿيون. ماڻهن جي دل ۾ همدردي پيدا ٿيندي آهي ۽ اهي اهڙا اندازا لڳائڻ کان باز اچي ويندا آهن جيڪي هو لاعلميءَ جي ڪري لڳائيندا آهن. سماجي حالات ۾ ان سان دوستن ۽ رشتيدارن کي معلوم ٿي ويندو آهي ته سئين سڌي طرح ٻڌائڻ سان اوهان جو ٻار رکو هجڻ يا بدتميزيءَ جو مظاهرو نٿو ڪري، هو سمجھن ٿا ته اوهان جو ٻار بار بار هٿ پير هلائي عجيب حرڪتون نٿو ڪري بلڪه پنهنجو پاڻ کي پرسڪون ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪري. سو ٻين کي ٻڌائڻ مختلف صورتن ۾ رستو آسان ڪري ٿو ڇڏي ۽ ڪنهن به قسم جي بدمزگيءَ جو امڪان ختم ٿو ڪري ڇڏي.

ان سان گڏوگڏ اسڪول ۾ ٻار جي معذوريءَ جي باري ۾ ٻڌائڻ سان ان جي مدد لاءِ آسانيون مهيا ڪيون وينديون آهن، هن کي ڪم ڪرڻ لاءِ اضافي وقت ڏنو ويندو آهي،خصوصي رونمائي ڪئي ويندي آهي ۽ الڳ وقفو ڏنو ويندو آهي ته جيئن آپي کان ٻاهر نه نڪري وڃي.انهن کي الڳ ڪمري ۾ پرچو حل ڪرڻ جي سهولت ڏئي سگھجي ٿي ، جٿي شور گھٽ هجي ۽ مناسب روشني هجي ته جيئن ان جي امتحان ڏيڻ جي تجربي کي آسان بڻائي سگھجي. سمجھدار, سُلجھيل استادَ ٻار جا پنھنجن ساٿين سان تعلقات بهتر بڻائيندا آهن ۽ ان کي پريشان ڪرڻ وارن ٻارن کان بچائيندا آهن. مناسب طريقي سان آٽزم جي باري ۾ ٻڌائڻ تمام فائديمند ثابت ٿي سگھي ٿو

By visitng our site, you agree to use of cookies to enhance your browsing experience.  I Agree