بر وقت ٿيندڙ سوال
آٽزم اسپيڪٽرم ڊس آرڊر جي باقائده چڪاس ڪيئن ٿيندي آهي؟
آٽزم جي چڪاس ڪرڻ ڪجهه پيچيده آهي ڇاڪاڻ ته ان لاءِ ايڪس ري وانگر ڪو جسماني ٽيسٽ ناهي جيڪو طئي ڪري ته ٻار کي آٽزم آهي. اهو هڪ خاص تربيت يافتا ڊاڪٽر يا استاد طرفان سڃاڻي سگهجي ٿو جنهن کي ان جو پويون تجربو هجي. صرف هڪ فزيشن يا نفسيات جو ماهر ئي ان مرض جي باقائده چڪاس ڪري سگهي ٿو. ڊاڪٽر کي ماءُ پيءُ سان گڏ ٻار جي به تفصيلي تاريخ جي ضرورت هوندي. اهي ٻارن جي رويي جو به مشاهدو ڪندا ۽ ان بابت سوال پڇندا ، جيئن ته انهن جو ٻاهرين ماڻهن سان رابطو ، اکين جو رابطو ۽ انهن جي ڳالهائڻ واريون صلاحيتون وغيره. پوءِ هو چڪاس ڪندا ته ٻار آٽزم اسپيڪٽرم سان ڪيترو متاثر ٿيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن جيڪي علامتون آٽزم وانگر نظر اينديون آهن اهي اصل ۾ ٻين واڌ جي مسئلن سان منسلڪ هونديون آهن ۽ ڊاڪٽر اهو فرق ٻڌائڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو.
لاڳاپيل سوال
ڇا اسان ٻڌائي سگهون ٿا ته آٽزم ماءُ يا پيءَ مان ڪنهن جي خاندان مان آيو آهي؟
آٽزم جي تحقيق ۾ هيئنر تائين ڪهڙي پيش رفت ٿي آهي؟
جيڪڏهن ڪنهن ٻار ۾ آٽزم جي سڃاڻپ ٿي وڃي ته والدين کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟