بر وقت ٿيندڙ سوال
مان پنهنجن ٻين ٻارن کي پنهنجي آٽسٽڪ ڀيڻ ڀاءُ جي سار سنڀال ۾ ڪهڙي طرح شامل ڪري سگهان ٿو؟
آٽسٽڪ ٻار جي ڀائرن ڀينرن کي ان جي سار سنڀال ۾ شامل ڪرڻ ضروري آهي. ان سان ٻارن ۾ بهتر تعلقات قائم ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي ۽ هي ٻين ٻارن کي نظر انداز ٿيڻ يا ناراضگي محسوس ڪرڻ کا بچائيندو آهي، ڇو ته آٽسٽڪ ٻار کي وڌيڪ ڌيان ملي سگهي ٿو. ڊاڪٽرن سان ملاقات ۾ ڀيڻن ڀائرن کي گڏ وٺي وڃڻ ۽ انهن کي گهر يا ڪنهن ٻئي جڳھ تي علاج ۾ شامل ڪرڻ هڪ سٺي شروعات ٿي سگهي ٿي. هي ٻارن کي ٻڌائيندو آهي ته انهن جي ڀيڻ ڀاءُ جي علاج ۾ انهن جو به عمل دخل آهي. هي انهن ٻارن کي با اختيار هجڻ سان گڏ و گڏ علاج جي عمل سان وابستا ٿيڻ ۾ به مدد ڪندو اهي.
لاڳاپيل سوال
آٽزم جون شروعاتي علامتون ڪهڙيون آهن؟
ڇا منهنجو آٽسٽڪ ٻار نارمل اسڪول ۾ وڃي سگهي ٿو؟