پښتو اردو سرائیکی English

بر وقت ٿيندڙ سوال

آٽزم اسپيڪٽرم ڊس آرڊر جي باقائده چڪاس ڪيئن ٿيندي آهي؟

آٽزم جي چڪاس ڪرڻ ڪجهه پيچيده آهي ڇاڪاڻ ته ان لاءِ ايڪس ري وانگر ڪو جسماني ٽيسٽ ناهي جيڪو طئي ڪري ته ٻار کي آٽزم آهي. اهو هڪ خاص تربيت يافتا ڊاڪٽر يا استاد طرفان سڃاڻي سگهجي ٿو جنهن کي ان جو پويون تجربو هجي. صرف هڪ فزيشن يا نفسيات جو ماهر ئي ان مرض جي باقائده چڪاس ڪري سگهي ٿو. ڊاڪٽر کي ماءُ پيءُ سان گڏ ٻار جي به تفصيلي تاريخ جي ضرورت هوندي. اهي ٻارن جي رويي جو به مشاهدو ڪندا ۽ ان بابت سوال پڇندا ، جيئن ته انهن جو ٻاهرين ماڻهن سان رابطو ، اکين جو رابطو ۽ انهن جي ڳالهائڻ واريون صلاحيتون وغيره. پوءِ هو چڪاس ڪندا ته ٻار آٽزم اسپيڪٽرم سان ڪيترو متاثر ٿيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن جيڪي علامتون آٽزم وانگر نظر اينديون آهن اهي اصل ۾ ٻين واڌ جي مسئلن سان منسلڪ هونديون آهن ۽ ڊاڪٽر اهو فرق ٻڌائڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو.

لاڳاپيل سوال

وڌيڪ سوال ڳوليو

By visitng our site, you agree to use of cookies to enhance your browsing experience.  I Agree