پښتو اردو سرائیکی English

وڏن ۾ آٽزم جون علامتون

ممڪن آهي ته هن ويب سائٽ کي پڙهندي اوهان هي سوچي رهيا هجو ته شايد اوهان کي به آٽزم آهي. آٽزم جي سڃاڻپ ڪجھه ئي عرصو پهرين بهتر ٿي آهي پر ان ۾ گھڻو ڪري ڌيان ننڍپڻ جي شروع ۾ سڃاڻپ ڪرڻ تي ڏني ويندي آهي. جيڪڏهن اوهان کي صرف معمولي آٽزم آهي ته ممڪن آهي ته ان جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي هجي يا ان کي ڪجھه ٻيو سمجھيو ويو هجي.

آمريڪي ماهرين نفسيات جي انجمن (APA) جي نفسياتي مرضن جي ڪتاب DSMV کي ڊاڪٽر نفسياتي خرابين جي سڃاڻپ لاءِ استعمال ڪندا آهن. هن ڪتاب مطابق ڪنهن شخص کي آٽزم ٿي سگهي ٿو جيڪڏهن هن کي هيٺ ڄاڻايل مسئلا درپيش آهن.

‌أ. سماجي رابطا ۽ ميل جول

  • جذبات کي سمجھڻ
  • جسماني حرڪتن ۽ اشارن کي سمجھڻ ۾ مشڪل.
  • تعلقات قائم ڪرڻ يا نڀائڻ ۾ مشڪل.
  • سماجي ميل جول لاءِ درڪار اشارن جي استعمال ۾ مسئلا.
  • No expressive vocabulary by 16 months
  • No meaningful two-word phrases (not including imitating or repeating) by 24 months
  • Any loss of speech, babbling or social skills at any age
  • Does not respond to name by 12 months

‌ب. 2. طرز عمل ۾ محدود حرڪتن جو بار بار دهرائڻ ۽ هيٺ ڄاڻايل مان ٻن علامتن جو ظاهر ٿيڻ

  • مخصوص جسماني حرڪتن کي دهرائڻ.
  • ڳالهين، جسماني حرڪتن يا شئين جي استعمال ۾ تمام محدود طريقا اختيار ڪرڻ يا انهن کي بار بار دهرائڻ (مثلاََ ايڪوليليا)
  • شئين جي ترتيب تي اصرار(زور وجهڻ) ڪرڻ.
  • هڪ مخصوص موضوع تي محدود ۽ شديد دلچسپي وٺڻ.
  • ماحول جو بيحد اثر وٺڻ يا بالڪل اثر نه وٺڻ.
  • No meaningful two-word phrases (not including imitating or repeating) by 24 months
  • Any loss of speech, babbling or social skills at any age
  • Does not respond to name by 12 months

انهن مان هر علامت جا ڪجھه مثال هيٺ ڏنا ويا آهن. هي نوٽ ڪرڻ ضروري آهي ته جيتوڻيڪ هي علامتون اوهان جي زندگيءَ کي ٻين کان مختلف بڻائي سگھن ٿيون پر انهن مان هر هڪ سان گڏ ڪجھه خوبيون به هونديون آهن، جن کي درست طريقي سان ڳولڻ جي ضرورت هوندي آهي.

By visitng our site, you agree to use of cookies to enhance your browsing experience.  I Agree