پښتو اردو سرائیکی English

(اردو میں ویڈیو)

والدين يا وڏن جي طور تي اوهان سڀ اهو ڪم ڪري سگهو ٿا ته ٻارن جي نشو و نما جا سنگ ميل ياد رکو ۽ ڪنهن به خرابيءَ جي صورت ۾ فوراََ ضروري نگهداشت مهيا ڪريو. هيٺ ڄاڻايل نشو و نما ۾ ڪنهن به خرابي (جهڙوڪ آٽزم) يا تاخير جون علامتون ٿي سگهن ٿيون.

Following is a list of “red flags” that may indicate a form of developmental delay or disorder, such as autism:

  • ڇهن مهين جي عمر ٿي وڃڻ بعد نمايان مسڪراهٽون يا جذبات نظر نه اچڻ.
  • نون مهينن جي عمر ٿيڻ بعد به ٻار جو آوازن ۽ مسڪراهٽن تي ڪو به رد عمل نه ڏيڻ.
  • ٻارنهن مهينن جي عمر ٿيڻ بعد به وات مان بي معني آواز نه ڪڍڻ.
  • ٻارنهن مهينن جي عمر ٿيڻ باوجود به هٿن سان بنيادي اشارا نه ڪري سگھڻ.
  • سورنهن مهينا عمر ٿيڻ بعد به ڪي واضح لفظ نه ڳالهائڻ.
  • چويهه مهينن جي عمر ٿيڻ بعد به ٻن لفظن جا مجموعا نه ڳالهائڻ. (ان ۾ نقل ڪرڻ يا دهرائڻ شامل ناهين)
  • عمر جي ڪنهن به حصي ۾ ڳالهائڻ جي صلاحيت يا ٻيون سماجي صلاحيتن جو گم ٿيڻ.
  • ٻارنهن مهينن جي عمر تائين پهچڻ کان پوءِ به پنهنجو نالو پڪارڻ تي ڪو به رد عمل نه ڏيڻ.

آٽزم جي جزن کي ننڍي ۽ وڏي عمر جي ٻارن ۾ به تقسيم ڪري سگھجي ٿو. ان حوالي سان پنجهنجي ٻارن ۾ انهن علامتن کي تلاش ڪريو.

ننڍي عمر جا ٻار

  • ڳالهائڻ جي صلاحيت نه هئڻ يا دير سان پيدا ٿيڻ.
  • ايڪوليليا (يعني لفظ بار بار دهرائڻ)
  • جسماني حرڪتن جي ڪمي.
  • راند ۾ ڪنهن جو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مشڪلات.
  • هٿ زور زور سان لوڏڻ.
  • گھمندڙ ۽ چرندڙ شين ۾ دلچسپي رکڻ.
  • غير معمولي شين ۾ لڳاءُ.
  • اکيون نه ملائي سگھڻ.
  • Poor eye contactPoor eye contact
  • رد عمل جي طور تي پوري طرح سان مسڪرائي نه سگھڻ.
  • پنهنجو نالو پڪارڻ تي متوجه نه ٿيڻ.
  • هڪ ئي وقت مختلف شين تي توجه مرڪوز نه ڪري سگھڻ.
  • ٻين ۾ دلچسپي نه هجڻ.
  • آڱر سان اسارو نه ڪري سگھڻ.
  • Lack of pointing
  • Any loss of speech, babbling or social skills at any age
  • Does not respond to name by 12 months

وڏي عمر جا ٻار

  • غير معمولي لفظن جو استعمال.
  • ڳالهه ٻولهه ۾ مشڪلات.
  • جسماني حرڪتن ۽ چهري جي تاثرات ۾ ربط نه هئڻ.
  • غير معمولي مشغلا.
  • تمام گهريون عادتون (جهڙوڪ هٿ لڳائڻ يا سنگھڻ).
  • غير معمولي طريقي سان نظرون ملائڻ.
  • دوستيون قائم ڪرڻ ۾ مشڪلات.
  • ٻين جي احساسن کي سمجھڻ ۾ مشڪلات.

جيڪڏهن اوهان جو ٻار ڪنهن سنگ ميل کي پار نه پيو ڪري سگھي يا مٿي بيان ڪيل علامتن مان ڪائي علامت ظاهر ٿي رهي آهي تو خوف زده ٿيڻ جي ڪا به ڳالھ ناهي. اوهان کي پنهنجي فيملي ڊاڪٽر يا ٻارن جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر سان ملڻ گھرجي ۽ ان کي پنهنجي پريشانيءَ جي باري ٻڌائڻ گھرجي. تسليءَ لاءِ اوهان کي متعلقه هدفن يا علامتن کي لکي وڃڻ گھرجن ته جيئن مسئلو بهتر طريقي سان ٻڌائي سگهجي.

شفقت جو مظاهرو ڪرڻ

جيڪڏهن اوهان جي ٻار ۾ آٽزم جي هجڻ جو ٿورو به شڪ هجي ته اهو سمجھي ڇڏيو ته طاقت جي استعمال يا ٻار تي رڙيون ڪرڻ سان ڪو به فرق نه پوندو. انهن ٻارن جي سوچڻ جوعمل اوهان کان مختلف آهي. ان ڪري اوهان ان جي مختلف طريقي سان ئي پيش اچڻو پوندو.پنهنجي ٻار جي رويي جو مشاهدو ڪريو ۽ ان جي ضرورتن کي سمجھو. اوهان جو پنهنجي ٻار سان شفقت جو معاملو ڪرڻ گھڻو مفيد ثابت ٿيندو.

جيستائين ڪو ڊاڪٽر باقاعده طور تي اوهان جي ٻار جي سڃاڻپ نه ڪري وٺي، تيستائين ڪوشش ڪريو ته ٻار کي اوهان جي طرفان ڪنهن به قسم جي سختيءَ کي منهن نه ڏيڻو پوي. هي به پڪ ڪريو ته اوهان آٽزم جي باري ۾ بهتر طريقي سان ڄاڻو ٿا ته جيئن اوهان پنهنجي ٻار جي عادتن ۽ جذبات کي بخوبي سمجھي سگهو. آٽزم ۽ ان جي سڃاڻپ جي معلومات لاءِ ٻيو سيڪشن ڏسو.

By visitng our site, you agree to use of cookies to enhance your browsing experience.  I Agree