پښتو اردو سرائیکی English

(اردو میں ویڈیو)

آٽزم جون علامتون عمر ۽ مرض جي نوعيت جي حساب سان مختلف ٿي سگهن ٿيون. اهي علامتون ٻالڪپڻ ۾ نمايان ٿيڻ لڳنديون آهن، جن جي جلد کان جلد تشخيص تمام ضروري آهي، ڇو ته جلد ضروري اپاءَ وٺڻ سان مريض جي زندگيءَ ۾ بهتري آڻي سگھجي ٿي. آٽزم جون ڪجھه علامتون هي آهن:

- Genetics can play a role in increasing the risk of developing autism. This includes chromosome conditions such as tuberous sclerosis.

- Higher parental age, the more chances of autism in children


  • عمر جي حساب سان ڳالهائڻ دير سان سکڻ يا گھٽ سکڻ.
  • ايڪوليليا (echolalia) يعني لفظَ بار بار دهرائڻ.
  • مختلف حرڪتون بار بار ڪرڻ (جيئن هٿ زور زور سان لهرائڻ، جسم يا مٿي کي اڳتي پوئتي ڪرڻ وغِره)
  • اکيون بالڪل نه ملائڻ يا گھٽ ملائڻ.
  • ماڻهن سان ڳالهائيندي ۽ تعلقات قائم ڪرڻ ۾ مشڪلات کي منهن ڏيڻ ( جيئن ڳالهائڻ يا کيڏڻ ۾ مشڪلات)
  • مخصوص شيئن يا ڪمن ۾ غير معمولي رغبت ٿيڻ.
  • وابستگي (تعلق يا قربت ) جو اظهار نه ڪرڻ (جيئن لاڏ پيار نه ڪرڻ يا ڀاڪر نه پائڻ)
  • پنهنجي معمولات ۾ تبديلي آڻڻ ۾ مشڪلات کي منهن ڏيڻ ( جيئن ننڊ يا زور مره جي ڪمن جو وقت تبديل ڪرڻ ۾ مشڪل پيش اچڻ ).

والدين کي پنهنجي ٻارن تي ڌيان ڏيڻ گھرجي ۽ ڪنهن به شڪ شبهي جي صورت ۾ ٻار کي ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ گھرجي ته جيئن ابتدائي اسڪريننگ ڪري ، اگر ضرورت هوندي ته باقاعده جانچ (evaluation) ڪندو.آٽزم جي اسڪريننگ ماهرن جي هڪ ٽيم ڪندي آهي، جنهن ۾ نيورولوجسٽ (neurologist) اسپيچ ٿراپسٽ (speech therapist) ۽ ٻارن جي بيمارين جا ماهر ڊاڪٽر (pediatrician) هوندا آهن.

عمر جي حساب سان به آٽزم جون علامتون (نشانيون) مختلف هونديون آهن. ايستائين جو نوجوانن ۽ وڏن کي به آٽزم جي علامتن جو خيال رکڻ کپي. آٽزم جي هر مريض ۾ هي علامتون مختلف شدت سان ظاهر ٿينديون آهن ۽ هڪ ڊاڪٽر ئي اهو طئي ڪري سگهندو آهي ته هي شخص آٽزم جو مريض آهي يا نه.

You can find out more about autism in children including a complete list of signs and symptoms by age groups here, or if you’re an adult, you can read more here.

توهان ٻارن ۾ آٽزم جون علامتون ۽ مختلف عمر جي ماڻھن ۾ آٽزم جي نشانين جي تفصيل ھتي پڙھي سگھو ٿا. اگر توھان وڏا آھيو ت وڌيڪ تفصيل ھتان پڙھي سگھو ٿا.

By visitng our site, you agree to use of cookies to enhance your browsing experience.  I Agree