پښتو اردو سرائیکی English

بر وقت ٿيندڙ سوال

آٽزم اسپيڪٽرم ڊس آرڊر ڇا آهن؟

آٽزم اسپيڪٽرم ڊس آرڊر هڪ اعصابي حالت آهي جيڪا ٻار جي دماغ جي نارمل کان مختلف انداز ۾ واڌ ڪندي آهي . ان حالت وارن ٻارن ۾ سماجي سگهه کي سمجهڻ ۽ پنهنجي ڀرپاسي وارن ماڻهن سان لهه وچڙ سکڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي ، جنهن ڪري هي ٻار شرميلا هوندا آهن ۽ ٻين سان ميل جول ۾ ڏکيائي محسوس ڪندا آهن. اُنهن کي ٻين سان رابطي ۽ رويي ۾ مسئلا پيش ايندا آهن. آٽزم اسپيڪٽرم ڊس آرڊر کان متاثرهرڪو ماڻهون مختلف پهلوئن ۽ مختلف درجن جي نشانين ۽ پريشانين جو مظاهرو ڪندو آهي. هن مرض ۾ مبتلا ٻه ماڻهون به هڪ ٻئي کان بلڪل ئي مختلف ٿي سگهن ٿا. اهو ئي سبب آهي جوهن کي اسپيڪٽرم ڊس آرڊر چيو ويندو آهي.

لاڳاپيل سوال

وڌيڪ سوال ڳوليو

By visitng our site, you agree to use of cookies to enhance your browsing experience.  I Agree