پښتو اردو سرائیکی English

بر وقت ٿيندڙ سوال

آٽزم سان متاثر ٻارن کي هراسان ڪرڻ تي ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن؟

آٽسٽڪ ٻارن ۾ پنهنجي هم عمر ٻارن جي نسبت هراسان ٿيڻ جا خطرا گهڻا وڌيڪ هوندا آهن. آٽسٽڪ ٻارن ۾ اهو مسئلو گهڻو وڌي ويندو آهي ڇو ته اُهن توهان سان ان باري ۾ ڳالھ به نٿا ڪري سگهن. پهرئين مرحلي ۾ ٻار کي اهو سمجهايو وڃي ته ڪهڙي طرح جو ورتاؤ هراسان ڪرڻ جي زمري ۾ ايندو آهي، جنهن کي پنهنجن ساٿين سان ڪرڻ نا مناسب هوندو آهي. ان ۾ آواز جڪڙڻ، بي عزتي ڪرڻ، ڌِڪڻ ۽ مارڻ وغيره شامل آهن. ان طرح جو ورتاؤ سڃاڻڻ تي هو انتظاميا کي ان جو اطلاح ڏيڻ جي قابل ٿي ويندو. اڳين مرحلي ۾ هراسان ٿيڻ واري ٻار کي هن ڳالھ جو يقين ڏياريو ته هي ان جي غلطي ناهي. اڪثر هراسان ٿيڻ وارا ٻار ان شئي جو زميدار پاڻ کي سمجهندا آهن، جنهن سان انهن جي ذهني صحت تي خراب اثر پئجي سگهن ٿا. انهن کي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته توهان انتظاميا جي حيثيت سان انهن سان گڏ بيٺا آهيو. توهان کي ٻار کي قائل ڪرڻ گهرجي ته ٻيهر ڪير ان کي هراسان ڪري ته هو توهان کي اطلاح ڏئي جيئن توهان مناسب ڪاروائي ڪري سگهو. اگر توهان آٽسٽڪ ٻار جا والدين آهيو ته توهان کي ان مسئلي کي ختم ڪرڻ لاء اسڪول انتظاميا سان ڳالهائڻ گهرجي. اگر توهان استاد آهيو ته، توهان کي پنهنجي ڪلاس روم ۾ ٻارن کي هاسان هئڻ کان بچائڻ جي لاء مناسب قدم کڻڻ گهرجن. ٻار جي مسئلن کان واقف ٿيڻ کان پوء هراسان ٿيڻ جي متعلق سيشن جو اهتمام ڪريو. ڪلاس جي ٻارن کي آٽزم جي متعلق سيشن ڏيو ته جيئن هو الجھڻ جي بدران ان کي سمجهي سگهن. گهڻو ڪري ڌونس ورتاؤ ان وقت سامهون ايندو آهي جڏهن ٻار ڪنهن اهڙي صورتحال سان ڊڃي ويندا آهن جنهن کي هو پوري طرح نه سمجهي سگهندا آهن. انهن کي معلومات فراهم ڪرڻ سان مسئلي جي حل ۾ مدد ملي سگهي ٿي. ٻارن ۾ ڌونس ورتاؤ کي روڪڻ لاء ٽيم ٺاهڻ جو مشقون به هڪ سٺو حل آهن.

لاڳاپيل سوال

وڌيڪ سوال ڳوليو

By visitng our site, you agree to use of cookies to enhance your browsing experience.  I Agree