پښتو اردو سرائیکی English

(اردو میں ویڈیو)

اوهان جي ٻار ۾ آٽزم جي سڃاڻپ جنهن عمر به ٿي هجي، فوري علاج ضروري شروع ڪرڻ گھرجي. ان عمل ۾ دير ڪرڻ سان اوهان جي ٻار کي نقصان ٿيندو. آٽزم جو علاج (therapies) اوهان جي ٻار کي مخصوص ضرورتن کي مد نظر رکي تيار ڪيون وينديون آهن.

يا د رکو ته ڪا به دوا آٽزم کي ٺيڪ نٿي ڪري سگھي. دوا صرف ان جي وجه سان ٿيندڙ ٻئي جسماني ۽ ذهني پيچيدگيءِ کان بچڻ لاءِ استعمال ڪرڻ گھرجي.ان کان علاوه آٽزم کان متاثر ٻار جي مدد صرف علاج (therapies) ۽ طرز زندگيءَ ۾ تبديليءَ سان ممڪن آهي.

اوهان جي ٻار کي مهيا ٿيندڙ ٿراپيءَ جو انحصار ان جي ضرورتن تي آهي ۽ ان جو فيصلو اوهان جي ڊاڪٽر کي ڪرڻو آهي. عموماََ ٿراپسٽ ۽ فزيشن آٽزم ۾ مدد لاءِ ڪجھه ماڊلز (طريقا /نمونا)استعمال ڪندا آهن. انهن ماڊلز ۾ مختلف انفرادي علاج آهن جيڪي اوهان جي ٻار کي مختلف شين ۾ مدد ڏيندا آهن، انهن مان ڪجھه ماڊلز هي آهن.

Applied Behavioral Analysis)ABA)

هي آٽزم ۾ مدد لاءِ سڀ کان پهريون بنيادي ۽ بهتر تحقيق ٿيل طريقو آهي. ABA ۾ ان ڳالهه تي ڌيان ڏنو ويندو آهي ته ٻار سکي ڪيئن ٿو؟ هي ڪجھه مخصوص اصولن تي ڪم ڪندو آهي جن مان هڪ سٺن ڪمن تي حوصله افزائي به آهي. جڏهن ڪنهن ٻار کي هڪ خاص رويي تي نوازيو ويندو آهي ته ان رويي کي ٻيهر ظاهر ٿيڻ لاءِ امڪان وڌي ويندا آهن. ABA ۾ به مختلف شعبا ۽ مشقون آهن. وڌيڪ تفصيل لاءِ اسانجي اهم لنڪس وارو سيڪشن ڏسو.

Early Start Denver Model) ESDM)

هي ماڊل بورڊ گيمز (شطرنج ۽ لڊو وغيره) جو استعمال ڪري ٻار کي پنهنجن احساسن جو اظهار ڪرڻ ۽ تعلقات کي قائم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي.هن ٿراپيءَ جو مقصد اهم سماجي ۽ محسوساتي مهارتن کي ٺاهڻ ۽ زبان سکڻ ۾ مدد ڪرڻ آهي.

Pivotal Response Treatment) PRT)

ESDM جيان هي ماڊل به راندين متعلق آهي پر هي انهن شئين کي اهميت ڏئي ٿو جن جي ٻار کي ضرورت هوندي آهي.جيئن حوصلو يا ذاتي انتظام وغيره. هن علاج جي منصوبه بندي اهڙي طرح ڪئي ويندي آهي جو ٻار والدين ۽ ٿراپسٽ جي هدايتن کي سمجھي سگهي.

علاج جي هن طريقي ۾ ڪهڙي شئي اهم آهي؟

The aim of these therapies and exercises is to form a well-structured environment for the child. This also includes the environment of the home. All these therapies make use of two main things:

علاج جي هنن طريقن ۽ مشقن جو مقصد ٻار کي موزون ماحول فراهم ڪرڻ آهي. ان ۾ گھر جو ماحول به شامل آهي. انهن سڀني طريقن ۾ ٻن اهم شئين جو استعمال شامل آهي.

فیملی

علاج جي هنن طريقن ۾ هيٺيان مقصد هونداآهن.

  • ٻار جي مدد لاءِ گھر جي ڀاتين جو ماهرن سان گڏجي ڪم ڪرڻ.
  • ٻار جي سهولت کي مد نظر رکي تيار ڪيل وقت ۽ مشقون.
  • آٽزم جي هن سفر ۾ گھر جي ڀاتين جي مدد ڪرڻ.
  • No gestures such as pointing, showing, reaching or waving by 12 months
  • No expressive vocabulary by 16 months
  • No meaningful two-word phrases (not including imitating or repeating) by 24 months
  • Any loss of speech, babbling or social skills at any age
  • Does not respond to name by 12 months

ترتیب

انهن اقدامات(اپائن) جو مقصد ٻار ۽ ان جي فيمليءَ لاءِ بهترين ترتيب سان هڪ روٽين (معمول) تيار ڪرڻ آهي ته جيئن بهتريءَ کي مانيٽر ڪري سگھجي. هي مقصد تڏهن ئي پورو ٿي سگھي ٿو جڏهن هيٺين ڳالهين تي عمل ڪيو وڃي.

  • ٻار جي ضرورتن جي حساب سان ان لاءِ هڪ انفرادي منصوبو تيار ڪيو وڃي.
  • ٻار ۾ ايندڙ بهتريءَ کي پابنديءَ سان ٽيست ڪرائي مانيٽر ڪيو وڃي.
  • ٻار کي هڪ حوصله افزا ماحول فراهم ڪيو وڃي.
  • بهترين تربيت وارن ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن.
  • No expressive vocabulary by 16 months
  • No meaningful two-word phrases (not including imitating or repeating) by 24 months
  • Any loss of speech, babbling or social skills at any age
  • Does not respond to name by 12 months

ٿراپيءَ جا ڪجھه ٻيا قسم.

  • تعليمي ٿراپي.
  • مشترڪه توجه جي ٿراپي.
  • دوائن سان علاج.
  • خوراڪ سان علاج.
  • پيشه جاتي ٿراپي.
  • والدين جي مدد سان ڪئي ويندڙ ٿراپي.
  • جسماني ٿراپي.
  • سماجي مهارتن جي ٿراپي.
  • ڳالهه ٻولهه جي ٿراپي.
  • Does not share sounds, smiles or other facial expressions by 9 months
  • Does not babble by 12 months
  • No gestures such as pointing, showing, reaching or waving by 12 months
  • No expressive vocabulary by 16 months
  • No meaningful two-word phrases (not including imitating or repeating) by 24 months
  • Any loss of speech, babbling or social skills at any age
  • Does not respond to name by 12 months

هيءَ ڳالهه زهن ۾ رکو ته ٿراپسٽ انهن ڳالهين کي سڀ کان بهتر ڄاڻيندا آهن. هي انهن تمام رستن مان چند آهن جيڪي اوهان جي ٻار جو ٿراپسٽ هن جي علاج لاءِ اختيار ڪري سگھي ٿو. ان کان علاوه به ڪئين مشقون ۽ علاج جا طريقا آهن.

اهي ٻار جن کي زندگيءَ ۾ بروقت مناسب علاج ميسر اچي وڃي ٿو، وڏا ٿي سماجي لحاظ کان وڌيڪ ڪارآمد ثابت ٿين ٿا. هو گھر ۽ معاشري ۾ بهتر انداز سان زندگي گذاري سگھن ٿا.

آٽزم جو علاج اوهانجي ٻار جي زندگيءَ تي وڏو مثبت (هاڪاري) اثر وجھي سگھي ٿو. والدين لاءِ پنهنجي ٻار جي صورتحال کان واقفيت، انهن کي پنهنجو پاڻ ٻار جي بهتريءَ لاءِ ڍالڻ جو موقعو ڏئي ٿو.

هر ٻار مختلف ٿيندو آهي ۽ مختلف رفتار سان بهتريءَ طرف گامزن ٿيندو آهي.هيءَ توقع ڪرڻ مناسب ناهي ته انهن ڳالهين سان چند ڏينهن ۾ ئي وڏيون تبديليون اچي وينديون. هي عمر ڀر جون تبديليون آهن جن کي ٻار جي زندگيءَ جي هر حصي ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

By visitng our site, you agree to use of cookies to enhance your browsing experience.  I Agree