پښتو اردو سرائیکی English

(اردو میں ویڈیو)

ڊاڪٽر ۽ سائنسدان پوريَ طرح نه سمجھي سگھيا آھن ته آٽزم جا سبب ڪھڙا آھن، جيتوڻيڪ اھو ڪيترن ئي عنصرن جو نتيجو آھي. جن ۾ ماحولياتي، حياتياتي ۽ جينياتي عنصر شامل آھن. ٻارن ۾ غلط سڃاڻپ ٿيڻ يا سڃاڻپ نه ٿيڻ جو سڀ کان عام سبب خاندان جا ماڻھون يا طب جي اصولن کان اڻڄاڻ ماڻھن جو غلط وجاھن کي آٽزم سان منسوب ڪرڻ آھي. ان حوالي سان ڪجھ اھم ڳالھيون ھيٺ ڏجن ٿيون

  • آٽزم جو خطرو وڌائڻ ۾ جينيات ۽ خصوصن ڪروموسومز جي حالت جيئن (Tuber Sclerosis) جو ڪردار اھم ٿي سگھي ٿو.
  • والدين جي عمر جيتري وڌيڪ ھوندي آھي، ٻارن ۾ آٽزم جا امڪان اوترا وڌيڪ ھوندا آھن.
  • جيڪي ٻار آٽزم جو شڪار ھجن، انھن جي ڀائرن ڀيڻن ۾ به آٽزم جي ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ ھوندا آھن.
  • حمل جي دوران وٺڻ وارين ڪجھ دوائن سان به ٻار ۾ آٽزم جو خطرو وڌي ويندو آھي.
  • اُھي ٻار جيڪي پوڙھن والدين وٽ پيدا ٿيندا آھن، انھن ۾ آٽزم جو خطرو وڌيڪ ھوندو آھي.
  • مقرر وقت کان پھرين جي پيدائش به آٽزم جا خطرا وڌائي سگھي ٿي.
  • حمل جي دوران ماءُ جو مخصوص دوائن جو استعمال ، شراب پيئڻ، يا ڪنھن انفيڪشن ۾ مبتلا ھئڻ به ٻار کي آٽزم سان متاثر ڪري سگھي ٿو.
  • حمل جي دوران ٻار جي لاء آڪسيجن جي گھٽتائي يا پيدائش جي وقت وزن گھٽ ھجڻ به آٽزم جو سبب بڻجي سگھي ٿو.
  • ڪيڙا مار دوائون ماحولياتي آلودگي به آٽزم جي سببن ۾ شامل آھن.
  • Pesticides/ environmental pollutants are also known to cause autism.Pesticides/ environmental pollutants are also known to cause autism.
  • ڪنھن به ويڪسين جو ٻار ۾ آٽزم ھئڻ سان ڪو تعلق ڪونھي.
  • Does not share sounds, smiles or other facial expressions by 9 months
  • Does not babble by 12 months
  • No gestures such as pointing, showing, reaching or waving by 12 months
  • No expressive vocabulary by 16 months
  • No meaningful two-word phrases (not including imitating or repeating) by 24 months
  • Any loss of speech, babbling or social skills at any age
  • Does not respond to name by 12 months

گذريل ڪجھ سالن ۾ ڊاڪٽرن جو آٽزم جي علاج جو طريقو به بدلجي چڪو آھي جنھن جي ڪري ان جا وڌيڪ ڪيس سامھون آيا آھن. جن علامتن جي سڃاڻپ پھرين ٻين مسئلن (مثال: زبان جو مسئلي) جي طور تي ڪئي ويندي ھئي ھاڻي انھن کي آٽزم جون علامتون قرار ڏنو وڃي ٿو ڇو جو ھاڻي اسان ڄاڻيون ٿا ته آٽزم ذھانت جي ھر سطح جي ٻارن ۾ ٿي سگھي ٿو.

آٽزم جا سبب پيچيده آھن، ڪنھن ٻار جي آٽزم جو شڪار ھئڻ جي ڪا ھڪ وجه نٿي چئي سگھجي. اُھي عمل جيڪي آٽزم جو سبب بڻجندا آھن انھن کي سمجھڻ ۽ روڪڻ جي لاء ھر سال تحقيق ڪئي ويندي آھي. آٽزم جي خطري کي گھٽ ڪرڻ ۽ ان جي سببن کي بھتر نموني سمجھڻ جي لاء پنھنجي ڊاڪٽر سان مشورو ڪيو.

By visitng our site, you agree to use of cookies to enhance your browsing experience.  I Agree