پښتو اردو سرائیکی English

(اردو میں ویڈیو)

هيءَ ڳالهه پريشان ڪندڙ بلڪه خوفناڪ ٿي سگهي ٿي ته اوهان جي ٻار جي نشونما معمول مطابق ناهي ٿي رهي، پر اوهان کي اهو معلوم هئڻ گھرجي ته اها ڳالهه گهڻي غير معمولي ناهي. اوهان اڪيلا ناهيو. هن سيڪشن جو مقصد اوهان کي اهو سمجھائڻ آهي ته پنجن سالن کان گھٽ عمر وارن ٻارن جي نشو و نما ڪيئن ٿيندي آهي.

هر عمر جا ڪجهه سنگ ميل هوندا آهن جيڪي ٻار کي طئي ڪرڻا هوندا آهن. ان سان معلوم ٿيندو آهي ته ٻار جي نشو و نما معمول مطابق ٿي رهي آهي يا نه. ياد رهي ته هر ٻار جي نشو و نما مختلف طريقي سان ٿيندي آهي ۽ تيستائين پريشانيءَ جي ڪابه ڳالھ ناهي، جيستائين نشو و نما ۾ تمام گھڻي دير نه ٿئي. بهر حال ان حوالي سان پنهنجي ڪنهن به قسم جي پريشانيءَ کي فوري طور تي ظاهر ڪرڻ گھرجي. ياد رکڻ گھرجي ته اوهان جي هر پريشاني ٻڌائڻ سان اوهان جي ٻار ۾ نشو ونما جي ڪائي نئين خرابي سامهون نه ايندي پر محتاط رهڻ بهر حال بهتر آهي.

هدف

هر ٻار ٻين کان مختلف هوندو آهي. خاص طور تي پهريان پنج سال هرٻار جي نشو ونما مختلف طريقي سان ٿيندي آهي. پر ڪجھ سنگ ميل هر ٻار کي پنجن سالن جي عمر تائين پهچڻ کان پهرين پار ڪرڻا هوندا آهن. هيٺ ڄاڻايل فهرست اوهان کي اهو سمجھڻ ۾ مدد ڏيندي ته اوهان جو ٻار اهي سنگ ميل پار ڪري رهيو آهي يا نه.

  • ٽن کان چئن مهينن جي عمر تائين

    • چهرن کي ڌيان سان ڏسڻ ۽ نظرن سان چرندڙ پرندڙ شين جو تعاقب ڪرڻ.
    • مانوس شين ۽ ماڻهن کي سڃاڻڻ.
    • اوهان جو آواز ٻڌي مسڪرائڻ.
    • آوازن طرف منهن ڦيرڻ.
    • Visually tracks/people and objects
  • ستن مهينن جي عمر تائين

    • ٻين جي جذبات تي رد عمل جو اظهار ڪرڻ.
    • رو برو ٿي کيڏڻ.
    • اڌ لڪيل شين کي ڳولڻ.
    • هٿن ۽ وات سان کوجڻ.
    • پهچ کان ٻاهر شين کي هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ.
    • پنهنجو نالو پڪارڻ تي رد عمل ڏيڻ.
    • خوشي ۽ ناراضگيءَ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ آوازن جو استعمال ڪرڻ.
    • مختلف آواز ڪڍڻ.
  • هڪ سال جي عمر تائين

    • ماڻهن ۽ انهن جي آواز جو نقل ڪرڻ ۾ مزو ايندو آهي.
    • سادي راند جهڙو ڪ لڪ ڇپ ۾ مزو ايندو آهي.
    • شئين جو معائنو ڪرڻ ۽ اڌ لڪيل شئين کي تلاش ڪرڻ.
    • ڪنهن ڳالھ کان منع ڪرڻ تي رد عمل ڏيڻ.
    • سادن اشارن جو استعمال.
    • بدلجندڙ لهجن ۾ آواز ڪڍڻ.
    • هڪ هڪ لفظ ڳالهائڻ ( جيئن دادا، ماما, ابو) وغيره.
    • پنهنجو نالو کڻڻ وارن طرف مڙڻ.
  • ٻن سالن جي عمر تائين

    • ٻين جي حرڪتن جو نقل ڪرڻ.
    • ٻين ٻارن کي ڏسي پر جوش ٿيڻ.
    • ڪئين لفظ سمجھڻ.
    • پري وارين شين کي به ڳولهي وٺڻ.
    • مختلف تصويرن ۽ شين جي طرف نالي سان اشارو ڪرڻ.
    • رنگ ۽ بناوٽ جي حساب سان شين جي سڃاڻپ ڪرڻ.
    • سادين راندين ۾ مختلف ماڻهن جا ڪردار ادا ڪري سگھڻ.
    • مانوس ماڻهن ۽ شين جا نالا سمجھڻ.
    • سادين هدايتن تي عمل ڪرڻ.
    • ٻين سان ڳالهائڻ لاء ٻه لفظ ملائي سگهڻ.
  • ٽن سالن جي عمر تائين

    • آزادانه طريقي سان محبت ۽ ٻين جذبات جو اظهار ڪرڻ
    • رانديڪن کي هلائڻ جي قابل ٿيڻ.
    • راندين ۾ مختلف ماڻهن جا ڪردار ادا ڪرڻ.
    • شين کي بناوٽ ۽ رنگ جي حساب سان تقسيم ڪرڻ ۽ شين کي تصويرن سان جوڙڻ.
    • ٻن يا ٽن حصن تي مشتمل هدايتن تي عمل ڪرڻ
    • ڳالهه ٻولهه ۾ سادن جملن جو استعمال جهڙوڪ ( ٻاهر اچ)
    • ضمير (مان ، تون، مونکي) وغيره ۽ جمع (گاڏيون، ٻليون) وغيره.
    • ٻين ٻارن سان کيڏڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪرڻ.
    • Enjoys listening to short stories, songs and rhymes
    • Begins developing rhythm
    • Scribbles
    • Has good balance
    • Undresses self
  • چئن سالن جي عمر تائين

    • ٻين ٻارن سا تعاون ڪرڻ.
    • راندين ۾ وڌ کان وڌ تخليقي صلاحيتن جو اظهار ڪرڻ.
    • ڪجهه رنگن جا نالا معلوم ٿيڻ.
    • ڳڻپ کي سمجھڻ.
    • پنجن کان ڇهن لفظن جا جملا ڳالهائڻ.
    • ڪهاڻيون ٻڌائڻ.
    • ايترو واضح ڳالهائڻ جو اجنبي به ڳالھ کي سمجھي سگهي.
    • ٽن حصن وارين هدايتن کي سمجھڻ.
    • هڪ جهڙائي ۽ فرق کي سمجھڻ.
  • پنجن سالن جي عمر تائين

    • پنهنجن دوستن جيان ٿيڻ جي خواهش ڪرڻ
    • گانا/ ڊانس ۽ اداڪاريءَ کي پسند ڪرڻ
    • حقيقت ۽ خيالات ۾ فرق ڪرڻ جي قابل ٿيڻ
    • وڌيڪ آزاديءَ جو اظهار ڪرڻ
    • گھٽ ۾ گھٽ ڏهن شين کي ڳڻي سگهڻ ۽ گھٽ ۾ گهٽ چئن رنگن جا نالا درست ٻڌائڻ
    • پنجن لفظن کان وڌيڪ لفظن جا جملا ڳالهائي سگھڻ ۽ وڌيڪ طويل ڪهاڻيون ٻڌائڻ
    • Uses toilet independently
    • Has a good grip

جيڪڏهن اوهان کي لڳي ٿو ته اوهان جو ٻار انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ پوئتي رهجي ويو آهي ته ممڪن آهي ان جي نشو و نما پوري طرح نه ٿي رهي هجي. وڌيڪ تفصيلات لاءِ ٻارن ۾ آٽزِم جي علامتن تي اسان جو سيڪشن ڏسو.

By visitng our site, you agree to use of cookies to enhance your browsing experience.  I Agree