بر وقت ٿيندڙ سوال
آٽزم اسپيڪٽرم ڊس آرڊر جي نشاندهي ڪيتري قدر جلدي ٿي سگهي ٿي؟
آٽزم جون شروعاتي علامتون گهري نگراني اندر ۸ مهينن جي عمر کان وٺي ڳولي سگهجن ٿيون پر ۱۲ کان ۱۸ مهينن جي عمر ۾ اهي علامتون وڌيڪ نمايان ٿين ٿيون. ۲ سالن جي ٻار ۾ باقائده سڃاڻپ ڪري سگهجي ٿي. پر اهو به ممڪن آهي ته ڪجھ ٻارن ۾ شروعاتي طور تي ڪي به نشانيون ظاهر ئي نه ٿين، جيسيتائين هو وڌيڪ سماجي حالتن مان گذرن، معني جڏهن هو اسڪول وڃڻ لڳن تڏهن آٽزم جو علامتون نمايان ٿين.