بر وقت ٿيندڙ سوال
ڇا منهنجو آٽسٽڪ ٻار نارمل اسڪول ۾ وڃي سگهي ٿو؟
آٽسٽڪ ٻار جي اسڪول جي چونڊ جو فيصلو انجي والدين تي هوندو آهي. ٻار کي ڪنهن نارمل اسڪول يا ڪنهن مخصوص آٽزم اسڪول ۾ موڪلي سگهجي ٿو، ان ڳالھ کي يقيني بڻائڻ ضروري آهي ته نارمل اسڪول جو عملو توهان جي ٻار جي حالت کي پوري طرح سمجهي ۽ ان سان همدردي وارو رويئو اختيار ڪري. ڪجھ محققن جو چوڻ آهي ته آٽسٽڪ ٻار کي نارمل اسڪول موڪلڻ جا گهڻا فائده ٿي سگهن ٿا ڇو ته ان کي نارمل هم عمر ٻارن کان سکڻ جو موقعو ملندو آهي.
لاڳاپيل سوال
مان پنهنجن ٻين ٻارن کي پنهنجي آٽسٽڪ ڀيڻ ڀاءُ جي سار سنڀال ۾ ڪهڙي طرح شامل ڪري سگهان ٿو؟
جيڪڏهن ڪنهن ٻار ۾ آٽزم جي سڃاڻپ ٿي وڃي ته والدين کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟