بر وقت ٿيندڙ سوال
آٽزم اسپيڪٽرم ڊس آرڊر ڇا آهن؟
آٽزم اسپيڪٽرم ڊس آرڊر هڪ اعصابي حالت آهي جيڪا ٻار جي دماغ جي نارمل کان مختلف انداز ۾ واڌ ڪندي آهي . ان حالت وارن ٻارن ۾ سماجي سگهه کي سمجهڻ ۽ پنهنجي ڀرپاسي وارن ماڻهن سان لهه وچڙ سکڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي ، جنهن ڪري هي ٻار شرميلا هوندا آهن ۽ ٻين سان ميل جول ۾ ڏکيائي محسوس ڪندا آهن. اُنهن کي ٻين سان رابطي ۽ رويي ۾ مسئلا پيش ايندا آهن. آٽزم اسپيڪٽرم ڊس آرڊر کان متاثرهرڪو ماڻهون مختلف پهلوئن ۽ مختلف درجن جي نشانين ۽ پريشانين جو مظاهرو ڪندو آهي. هن مرض ۾ مبتلا ٻه ماڻهون به هڪ ٻئي کان بلڪل ئي مختلف ٿي سگهن ٿا. اهو ئي سبب آهي جوهن کي اسپيڪٽرم ڊس آرڊر چيو ويندو آهي.
لاڳاپيل سوال
آٽزم جون شروعاتي علامتون ڪهڙيون آهن؟
جيڪڏهن والدين کي محسوس ٿئي ته انهن جي ٻار کي آٽزم آهي ته انهن کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟
آٽزم جي تحقيق ۾ هيئنر تائين ڪهڙي پيش رفت ٿي آهي؟
ماڻهو جيڪي اوٽزم سان محسوس ڪندا آهن اهي محسوس نه ڪندا آهن يا جذبات ظاهر ڪندا آهن؟